ڪمرشل ۽ آرٽ فلمن جو حصو بڻجي ڌار سڃاڻ ٺاهڻ چاهيان ٿي:آمنا الياس

لاهور(شوبز نيوز)  پاڪستاني ماڊل ۽ اداڪارا آمنا الياس چيو آهي ته هوءَ ڪمرشل ۽ آرٽ فلمن جو حصو بڻجي پنهنجي ڌار سڃاڻ ٺاهڻ چاهي ٿي، هڪ انٽرويو ۾ آمنا الياس چيو ته هر دور جون پنهنجون ڪي ضررورتون هونديون آهن، پاڪستاني فلمن جي ماضي جو جيئن ئي ذڪر اچي ٿو ته اهڙن ڪيترن ئي اداڪارن جي ڳالهه ٿيڻ شروع ٿئي ٿي، جن پنهنجي جاندار ۽ حقيقت جي بلڪل ويجهو اداڪاري سان ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن فيشن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته جڏهن مان فيشن جي دنيا ۾ قدم رکيو ته وڏا وڏا نالا ماڊلنگ تي راڄ ڪري رهيا هئا پر پنهنجي مختلف انداز سبب مونکي وڏي موٽ ملي، آمنا الياس چيو ته پاڪستان فلم انڊسٽري جو نئون دور شروع ٿي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *