ڪلڀوشن ڪيس: ارتي وڪيل عالمي عدالت ۾ پاڪستان جي سوالن جا جواب نه ڏئي سگھيو

دي هيگ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي ڪيس ۾ ڀارتي وڪيل عالمي عدالت ۾ پاڪستان جي سوالن جا جواب نه ڏئي سگھيو. تفصيلن موجب هيگ ۾ موجود عالمي /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 44

عدالت ۾ ڪلڀوشن ياديو ڪيس ۾ اڄ جي ٻڌڻي مڪمل ٿي وئي، ڀارتي وڪيل عدالت ۾ پنهنجا دليل پيش ڪيا. اطلاعن موجب عدالت ۾ ڀارت پاران ڪلڀوشن ياديو ڪيس ۾ واويلا ڪئي وئي، ڀارتي سينيئر وڪيل هريش سالوي دليل بي جا بيان ڪندو رهيو. ڀارتي وڪيل دهشتگرد ڪلڀوسن جو فوجي عدالت ۾ هلڻ جو نقطو اٿاريو پر هو عدالت ۾ پاڪستان جي سوالن جا جواب نه ڏئي سگھيو. اڳ کان اڳ انصاف واري عالمي عدالت جي 15 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ججن جي بينچ ۾ هڪ ڀارتي جج دلوير به موجود هو. واضح رهي ته اڄ جي ڏينهن ڀارتي وڪيلن کي پنهنجا دليل پيش ڪرڻا هئا، جڏهن اڱاري 19 فيبروري تي پاڪستان جوابي دليل ڏيندو، 20 ۽ 21 فيبروري تي عدالت ڪيس بابت غور ڪندي، اها ٻڌڻي چار ڏينهن جاري رهندي، پاڪستان پاران 6 سوال اٿاريا ويا آهن، جن مان فهرست ۾ مٿيون سوال آهي ته دهشتگرد ڪمانڊر ڪلڀوشن ڪڏهن نيوي مان رٽائرڊ ٿيو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *