
ڪيپ ٽائون (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقا جي ٽيم اسٽار بيٽسمين فاف ڊوپليسي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ اڳوڻو هم وطن بيٽسمين لانس ڪلوزنر جي وڌيڪ رنسن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ان سان گڏوگڏ ڊوپليسي ملڪ جي طرفان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ 12هين نمبر تي بيٽسمين بڻجي ويو آهي. ڊوپليسي سريلنڪا خلاف ون ڊي ميچ م شاندار سينچري ٺاهي اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو. ڪلوزنر 3576 رنسون ٺاهيون هيون. پروٽيز طرفان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو اعزاز جيڪ ڪيلس کي حاصل آهي جنهن 11550 رنسون ٺاهيون آهن