ڪلمو پڙهي چئي سگهان ٿو ته ٽي ايم اي ۾ ڀرپور ڪرپشن آهي: (شهريار مهر)، ڪرپشن جا الزام ڪوڙا آهن: شرجيل ميمڻ،

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته شهريار مهر پاران لڳايل ڪرپشن جا الزام بي بنياد آهن، شهريار مهر ڪلمو پڙهي ته مون رشوت ورتي آهي ته هو وزارت تان استعيفيٰ  ڏئي ڇڏيندو، شهريار مهر چيو آهي ته لوڪل گورنمينٽ ۾ 80 سيڪڙو ڪرپشن آهي، ڪلمو پڙهي چئي سگهان ٿو ته ٽي ايم ايز ۾ ڀرپور ڪرپشن آهي. سنڌ اسميبلي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته شهريار مهر پاران لکي واري ٽي ايم او کان پئسا وٺڻ بابت الزام بي بنياد آهن، شهريار مهر چيو ته ڪلمو پڙهي چئي سگهان ٿو ته ٽي ايم ايز ۾ ڪرپشن آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر شهريار مهر چيو ته ٽي ايم اي کي هڪ ڪروڙ 52 لک منٿلي ملندي آهي، جيڪا ٻن ڏيهن اندر غائب ٿي ويندي آهي. شهريار مهر چيو ته شرجيل ميمڻ تي لڳايل سمورا الزام درست آهن، ڪلمو پڙهي چئي سگهان ٿو ته ٽي ايم اي ۾ ڀرپور ڪرپشن آهي. شهريار مهر وڌيڪ چيو ته سموري سنڏ ۾ 119 ٽي ايم ايز آهن،  هر ٽي ايم اي تي وزيرن پاران منٿلي مقرر ٿيل هوندي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *