ڪلثوم نواز لاڏاڻو ڪري وئي، سندس ور نواز شريف، نياڻي مريم نواز ۽ ناٺي صفدر کي پيرول تي آزادي ڏني ويندي

اسلام آباد /لاهور( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهر واري بيگم ڪلثوم نواز شريف لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. بيگم ڪلثوم نواز ڪيتري ئي عرصي کان لنڊن جي هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ علاج هيٺ رهي پر سندس صحت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو.  بيگم ڪلثوم نواز شريف جي ڦڦڙن جو مسئلو سنگين ٿيڻ کانپوءِ کيس هڪ دفعو ٻيهر وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو پر سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو. نواز شريف جي پٽ حسن نواز پنهنجي امڙ جي لاڏاڻي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. حسن نواز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن امڙ بيگم ڪلثوم نواز لاڏاڻو ڪري وئي آهي. بيگم ڪلثوم نواز جو مڙس نواز شريف، نياڻي مريم نواز ۽ نياڻو ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر اڊيالا جيل ۾ قيد آهن. ڪيترائي ڀيرا درخواستن باوجود نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ملي سگهي.اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) محمد صفدر کي بيگم ڪلثوم نواز جي تدفين لاءِ پيرول تي آزاد ڪيو ويندو. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب گهرو کاتي اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر کي بيگم ڪلثوم جي جنازي نماز کان تدفين تائين آزاد ڪيو ويندو. گهرو کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پيرول تي ضمانت لاءِ درخواست ملڻ ضروري آهي. ڪينسر جي بيماري مبتلا اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهرواري بيگم ڪلثوم نواز گذريل ڪيترن کي مهينن کان لنڊن جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي جيڪا اڄ لاڏاڻو ڪري وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *