
اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعطم عمران خان وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ اڱارو 20 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو وفاقي ڪابينه والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس تي غور ڪندي وزيراعظم ڪابينه کي والاريل ڪشمير بابت آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ ٻين عالمي اڳواڻن سان رابطن تي اعتماد ۾ وٺندو ذريعن موجب وفاقي ڪابينه جي اجلاس لاءِ 9 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪيو ويو وفاقي ڪابينه اقتصادي رابطا ڪميٽي ۽ سيڙپڪاري ڪميٽي جي 8 آگسٽ تي ٿيندڙ فيصلن جي منظوري ڏيندي ميڊيا رپورٽ موجب ڪابينه سستن گهرن جي اڏاوت لاءِ وياج کان پاڪ قرض لاءِ 5 ارب رپيا رکڻ جي منظوري ڏيندي، ڪرسچن مئرج اينڊ ڊائي ورس ايڪٽ 2019 جي منطوري لاءِ ڪابينه اجلاس ۾ پيش ٿيندو، گهريلو تشدد کان بچاءُ ۽ تحفظ بل 2019 ڪابينه اجلاس ۾ پيش ٿيندو ذريعن مطابق پاڪ ترڪ اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورق جي منظوري ڏني ويندي وفاقي ڪابينه کي مواصلات وزارت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني ويندي.