ڪشمير کي ڀارت جي جهولي ۾ اڇلائڻ جو ذميوار به عمران کي آڻيندڙ آهي: مريم نواز

هزاره (اين اين آءِ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته عوام ڄاڻي وٺي ته ڪوڙي حڪومت اسان جي مٿي تي سوار آهي ملڪ نٿو هلي سگهي. مانسهره ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ هو ته ڏاڍي خوشي آهي ته پاڪستان ۾ جتي جلسي ۾ وڃان ٿي نوجوانن جو وڏو انگ نظر ٿو اچي، هزاره جي عوام سان نڀائي ويندڙ محبت جي سزا نواز شريف ۽ هن پارٽي ڀوڳي رهي آهي، ڇا نواز شريف جو پاڪستان سٺو هو يا ووٽ چور جو پاڪستان سٺو آهي. مريم نواز جو چوڻ هو ته جنهن سڄي پاڪستان ۾ هڪ سِرَ به نه هنئي ۽ ووٽ چوري ڪري ويو اڄ اُهو هزار موٽر وي تي پنهنجي تختي هڻائي رهيو آهي، جيڪي ماڻهن سان واعدا ڪيا ويا هئا، اڄ پڇيو وڃي ته چون ٿا ته اِهو ڪو بٽڻ ناهي جو واعدا پورا ڪيانب، عوام ڄاڻي وٺي ته جيستائين ڪوڙي حڪومت اسان جي مٿي تي سوار آهي، ملڪ نٿو هلي سگهي، مهانگائي گهٽ نٿي ٿي سگهي، غريب جو چلهو نٿو ٻَري سگهي ۽ مريضن کي سستي دوا نٿي ملي سگهي، جيستائين ڪوڙي حڪومت آهي ووٽ چوري ٿيندو رهندو. ن ليگ جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته حڪمران گلگت بلتستان ۾ ڌانڌلي ڪري به نه کٽي سگهيو، گلگت بلتستان جي عوام ان ڪوڙي حڪومت کي ووٽ ناهي ڏنو، گلگت بلتستان جي ڪوڙي نتيجي کي ڪير به مڃڻ لاءِ تيار ناهي، ڌانڌلي جي باوجود اهڙي عبرتناڪ شڪست تي توبهه توبهه، ٿورو شرم ٿورو حيا هجي ها ته هي پنهنجي گهرن کان ٻاهر نه نڪرن ها، ماڻهو توهان کي گلگت بلتستان ۾ ڇو ووٽ ڏين، تو باقي پاڪستان کي ڇا ڏنو. مريم نواز جو چوڻ هو ته جي بي ۾ نواز شريف جو نظريو گونجي رهيو هو، نواز شريف جي نظريي هن کي ڪٿان جو به نه ڇڏيو، نواز شريف جي نظريي جي ڪري هن کي حڪومت نه پر رڳو سهارو مليو، نواز شريف جي نظريي عمران خان جي سياست کي دفن ڪري ڇڏيو. ن ليگ جي نائب صدر چيو ته ڪشمير کي ڀارت جي جهولي ۾ اڇلائڻ جو ذميوار به عمران خان کي آڻيندڙ آهي جڏهن ته مهانگائي ۽ ترقي جي گهٽ شرح جو ذميوار به عوام عمران خان جي آڻيندڙ کي قرار ڏئي رهيو آهي پر اُهو وقت پري ناهي جڏهن نواز شريف جلد واپس اچي ملڪ جو چوٿون ڀيرو وزير اعظم بڻجندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *