
لاهور (بيورو) سراج الحق چيو آهي ته ڪشمير کانسواءِ ڀارت سان ڳالهيون قبولڻ جوڳيون نه آهن جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڪشمير کانسواءِ ڀارت سان ڳالهيون قبولڻ جوڳيون نه آهن لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته ڀارت ايئربيس حملي ۾ پاڪستان کي ملوث ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي،جنهن کي ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته قبائلي علائقن ۾ لکين پناهگير امداد جي انتظار ۾ آهن، جيڪي ٻين جي ڏوهن جي سزا ڀوڳن پيا. سراج الحق جو چوڻ هو ته ڪرپشن خلاف عوام کي سجاڳ ڪيو ويندو. جماعق اسلامي جي امير جو چوڻ هو ته ايمنسٽي اسڪيم سميت ٻين اسڪيمن سان خاص طبقي کي فائدو پهچي رهيو آهي.