ڪشمير پاڪستان جي ساهه واري رڳ آهي، پوئتي نه هٽنداسين: نواز شريف

مظفرآباد(م.ڊ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪشمير کي شامل ڪرڻ بغير ڳالهين جي ڪنهن به ايجڻدا کي مڪمل نه ٿا سمجهون ۽ پاڪستان ڪشمير جي آزادي لاءِ سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو، آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي ۽ ڪشمير ڪائونسل جي گيل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته طاقت جي زور  تي ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نه ٿو سگهجي ڀارت ڪشمير مسئلي تي هميشه التوا وارا حربا استعمال ڪندو  رهندو آهي پر واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته ڪشمير پاڪستان جي ساهه واري رڳ آهي ان لاءِ ڪشمير سان پنهنجا لاڳاپا ۽ رشتا نڀائينداسين، هن چيو ته ڪشمير جي آزادي ۽ حق راءِ جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا ڪشمير ۽ پاڪستان جو صدين جو ساٿ آهي ڪوبه الڳ نه ٿو ڪريسگهي جڏهن ته ڪشمير  کي ڊيڄارڻ لاءِ وادي ۾ 7 لک هٿياربند فوجي مقرر ڪيا ويا پر ان جي باوجود ڪشميري عوام جا مضبوط ختم ناهن ٿيا، وزيراعظم نواز شريف چيو ته دنيا جا ڪابه طاقت ڪشمير کي پاڪستان کان الڳ نه ٿي ڪري سگهي، خطي ۾ امن جو قيام ڪشميري مسئلي جي حل بغير ممڪن ناهي ۽ ڪشمير کي شامل ڪرڻ بغير پاڪستان ڳالهين جي ڪنهن به ايجنڊا کي مڪمل نه ٿو سمجهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر موقف ورجايان ٿو ته ڪشميري عوام جي خواهشن جي برعڪس ڪوبه فيصلو نه ڪيو ويندو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو قيام ڪشميري مسئلي سان مشروط آهي. آزاد ڪشمير ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته ڪشمير ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ وسيلا مهيا ڪري رهيا آهن نيلم جهلم منصوبي مان بجلي سان گڏ عوام کي روزگار به ملندو ۽ خواهش آهي ته ڪشمير به ترقي ۽ آزادي جي راهه تي گامزن ٿئي، پاڪستاني حڪومت پي ايڪسپريس وي کي  مظفرآباد تائين وڌائيندي جڏهن ته پاڪ چين اڪانامڪ ڪوري ڊور سان خطي کي فائدو پهچندو ۽ خنجراب کان وٺي اسلام آباد تائين رستو به ٺاهي رهيا آهن جنهن تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۽ ڪشمير ڪائونسل جي گڏيل اجلاس ۾ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين مولانا فضل الرحمان، وفاقي وزير برجيس طاهر، وزيراعظم آزاد ڪشمير، آزاد ڪشمير جو اڳوڻو وزيراعظم سردار عتيق ۽ ٻين شرڪت ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *