ڪشمير ٻه طرفو معاملو نه پر بين الاقوامي سطح تي مڃيل تڪرار آهي: اسلامي سهڪار تنظيم

جده (اي پي پي)  اسلامي سهڪار تنظيم جي جنرل سيڪريٽريٽ ڪشمير تڪرار جي ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻه طرفو معاملو هئڻ جي ڀارتي دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته اهو بين الاقوامي سطح تي تسليم شده تڪرار آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق تنظيم طرفان جاري ڪيل هڪ پريس پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽريٽ جي 5 آگسٽ تي ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي جي ڀارت جي هڪ طرفي فيصلي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل صورتحال تي نظر آهي. جنرل سيڪريٽريٽ چيو ته اهو بين الاقوامي سطح تي تسليم ٿيل ڪشمير تڪرار بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ان جي حتمي نبيري لاءِ گڏيل قومن جي نگراني ۾  راءِ شماري جي موقف تي قائم آهي. جنرل سيڪريٽريٽ  ڪشمير بابت او آءِ سي تنظيم جي سربراهه اجلاس جي فيصلن ۽ پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي ٺهرائن جو حوالو ڏيندي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. سيڪريٽريٽ والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو کي فوري طور تي هٽائڻ، مواصلات رابطن کي بحال ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي بنيادي حقن جو احترام ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. جنرل سيڪريٽريٽ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشمير تڪرار جي مرڪزيت کي تسليم ڪندي گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ان جو جٽادار ۽ منصفاڻو حل تلاش ڪرڻ تي زور ڏنو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ ترقي ۽ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهين جي بحالي اڻ ٽر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *