
اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين چيو اهي ته ڪشمير مسلم اڪثريتي وارو علائقو آهي آبادي جو تناسب بدلڻ جي ڪائي ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي ڪشمير تقسيم برصغير جو اڻپورو ايجنڊا آهن ڪشمير تي پاڪستان جي موقف ۾ ڪائي تبديلي نه ايندي ڪشميري عوام جي حق خود اراديت جي حمايت جاري رکنداسين هو اڱاري تي هتي ايوان صدر ۾ ڪشميري قيادت سان ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو صدر سان ڪشميري قيادت جي ملاقات قائداعظم جي سالگرهه تقريبن جو حصو آهي صدر سان ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جو صدر سردار يعقوب خان وزيراعظم چوڌري عبدالمجيد وفاقي وزير چوڌري برجيس طاهر سياسي قيادت ۽ حريت ڪانفرنس جا اڳواڻ پڻ موجود هئا صدر چيو ته ڪشمير تي پاڪستان جي اصولي موقف ۾ ڪائي تبديلي نه ايندي هن چيو ته پٺان ڪوٽ سميت دهشتگردي جي هر قسم جي مذمت ڪيون ٿا.