ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ خطي ۾ امن هڪ خواب ئي رهندو:  پاڪستان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث موت جي سزا حاصل ڪيل ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي ايجنٽ ڪل ڀوشن جي والده پٽ سان ملاقات جي درخواست ڪئي آهي جنهن جو جائزو ورتو پيو وڃي، لائين آف ڪنٽرول تي ڀارت جي اڳرائي ۽ فائرنگ سان 18 شهري شهيد ٿيا، دهشتگردي ڪرائي پاڪستان تي الزام مڙهڻ ڀارت جي عادت رهي آهي، پاڪستان ڀارت سان سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو، افغانستان ۾ 2 گم ٿيل سفارتي اهلڪار جلال آباد مان پشاور ويندي اغوا ٿيا، ٻن وڌيڪ پاڪستاني جي شهرين جي اغوان جون رپورٽون ڏٺيون آهن، معاملا افغان انتظاميا سان اٿاريا آهن، ڪرنل حبيب جي معاملي تي نيپالي انتظاميا سان رابطي ۾ آهيون، خميس تي پرڏيهي آفيس ۾ هفتيوار بريفنگ ۾ هن چيو ته ڪل ڀوشن ياديو جي ماءُ پاران ملاقات جي درخواست ڪئي آهي ۽ پاڪستان ان جو جائزو وٺي رهيو آهي، هن ميڊيڪل ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ ڀارتي شرط رد ڪندي چيو ته ڀارتي ويزا لاءِ پرڏيهي صلاحڪار جو خط سفارتي ادب جي خلاف آهي، ڀارت پاران علاج ڪرائيندڙ مريضن کي ويزا جاري ڪرڻ ۾ شرط رکڻ افسوس جي ڳالهه آهي، هلندڙ هفتي ڪشمير ۾ 6 ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن تي به تشدد ڪيو ويو، اڄ سڄي دنيا ۾ ڪشميري 1931 ۾ شهيد ٿيلن جي ياد ۾ شهادت جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *