ڪشمير جي مسئلي تي سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن پاران ٽياڪڙي جي آڇ فائديمند آهي : شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (اين اين آءِ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جي پرڏيهي وزير سان ملاقات، خطي جي معاملن، ڪشمير جي صورتحال ۽ افغان مفاهمتي عمل تي ڳالهيون ڪيون، منير اڪرم گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري جي تازي پاڪستان جي دوري جي ڪاميابي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي مبارڪ ڏني، پرڏيهي وزير چيو ته 7 سالن کانپوءِ جنرل سيڪريٽري گڏيل قومن جو پاڪستان جو دورو ۽ دنيا جو پاڪستان تي تيزي سان وڌندڙ اعتماد جو مظهر آهي، هن چيو ته ڪشمير جي مسئلي تي سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن پاران ٽياڪڙي جي آڇ فائديمند آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *