ڪشمير بغير پاڪ-ڀارت ڳالهين جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي: سرتاج عزيز

اسلام آباد(بيورو) آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري چيو آهي ته حقاني نيٽورڪ ۽ لشڪر طيبه پاڪستان ۽ آمريڪا سميت پوري دنيا لاءِ خطرو آهن دهشتگردن کي صرف دهشتگرد ئي سمجهڻو پوندو، اسلام آباد ۾ پاڪ آمريڪا اسٽريٽجڪ ڳالهين کانپوءِ آمريڪي پرڏيهي وزير سان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران سرتاج عزيز چيو ته آمريڪا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان گڏ آهي، ڳالهين دوران خطي جي صورتحال ۽ امن امان تي ڳالهه ٻولهه ٿي ان موقعي تي پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ٿي جڏهن ته پاڪستان ايل او سي تي ڀارت جي بنا سبب فائرنگ تي پاڪستان جي خدشن جو اظهار ڪيو هن چيو ته ڀارت  ورڪنگ بائونڊري ۽ لائن آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ پيدا ڪئي آهي، ڪشمير کان بغير پاڪ ڀارت ڳالهين جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، پرڏيهي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته پاڪستان قبائلي علائقن ۾  مضبوط آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان پنهنجي سرحد جي امن جي لاءِ هڪ لک 70 هزار وفجي مقرر ڪيا، آپريشن ضرب عضب کانپوءِ حقاني نيٽورڪ کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ هو سرحد پار ڪارروايون نه ٿا ڪري سگهن فاٽا ۾ تعمير ۽ ترقي لاءِ ڏيڍ ارب ڊالر جي ضرورت آهي ان کان علاوه آءِ ڊي پيز جي واپسي ۾ 10 کان 12 مهينا لڳندا، ميڊيا بريفنگ دوران آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته هن کي پاڪستان اچڻ تي خوشي ٿي اسٽريٽجڪ ڳالهيون پاڪ آمريڪا دوستي کي مضبوط ڪنديون هن چيو ته پشاور سانحي تي آمريڪي حڪومت ۽ عوام کي تمام گهڻو ڏک ٿيو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪي تعاون جاري رهندو، پاڪستان ضرب عضب ۾ دحشتگردن خلاف اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن حقاني نيٽورڪ ۽ لشڪر طيبه پاڪستان، آمريڪا سميت بين ملڪن لاءِ به خطرو آهي دهشتگردن کي صرف دهشتگرد ئي سمجهڻو پوندو، افغانستان ۾ به دهشتگردن جون پناهه گاهون آهن جان ڪيري وڌيڪ چيو ته آمريڪا پاڪستان ۾ سيڪويرٽي قدم تيز ڪرڻ لاءِ مدد لاءِ  تيار آهي، آمريڪا پاڪستان کي فاٽا ۾ تعمير ۽ ترقي لاءِ 25 ڪروڙ ڊالر ڏيندو، ان کان علاوه 25 ڪروڙ ڊالر آءِ ڊي پيز جي واپسي لاءِ به ڏنا ويندا هن چيو ته افغانستان ۾ آمريڪا جو ڪردار گهٽ ضرور ٿيو آهي پر ختم نه ناهي ٿيو آمريڪا افغان فوج کي ٽريننگ ۽ سيڪيورٽي معاملن تي مدد فراهم ڪندو رهندو گڏيل لاڳاپن کي مثبت طريقي سان اڳتي وڌائڻ پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي جي مفاد ۾ آهي آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي قدمن جي حمايت ڪري ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *