ڪشمير بدران آئي فون تي ٽوئيٽ، مٿيرا جي ملالا تي تنقيد

 

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪارا مٿيرا نوبل انعام حاصل ڪندڙ ملالا يوسفزئي کي والاريل ڪشمير جي هاڻوڪي صورتحال بدران نئين آئي فون جي باري ۾ ٽوئيٽ ڪرڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.ڪيليفورنيا ۾ ايپل ڪمپني طرفان آءِ فون 11 پرو جي پروموشن جي تقريب کان فوري پوءِ ملالا ٽوئيٽ ڪئي ته جيڪي ڪپڙا اڄ هن پاتا آهن اهي آئي فون جي ٽرپل ڪيميرا سان غير معمولي هڪجهڙائي ر کن ٿا.ڪجهه تنقيد ڪندڙن آئي فون جي ٽرپل ڪيميرا کي ناريل سان مشابهت ڏني، جڏهن ته سوشل ميڊيا ته گهڻي ڪندڙ ملالا جي ٽوئيٽ ۽ ان جا پاتل ڪپڙا ئي بحث هيٺ رهيا.ملالا جي ٽوئيت تي پنهنجي مايوسي جو اظهار ڪندي بيباڪ اداڪارا مٿيرا چيو ته نوبل انعام رکندڙ پاڪستاني شاگردياڻي کي نئين آئي فون ۽ پنهنجي ڪپڙن بدران ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا ۽ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهائڻ گهرجي.مٿيرا جي جوابي ٽوئيٽ ۾ ڪجهه ماهن ملالا جي حمايت ۾ ٽوئيٽ ڪندي چوڻ لڳا ته ڪنهن کي اهو حق ناهي ته هوءَ نوبل انعام رکندڙ پاڪستاني ناري کي حڪم ڏئي ته ان کي ڇا ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *