ڪشمير ايشو تي اپوزيشن ۽ حڪومت متحد آهن، مودي ٽرمپ سان ملاقات ۾ پاڪستان جي وجود کي تسليم نه ڪيو : شيخ رشيد

لاهور(اي پي پي)  ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته بابا گروناڪ جي 550 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ننڪانه ريلوي اسٽيشن جو نالو ان سان منسوب ڪري ڇڏينداسين، شورڪوٽ کان سڌي ريت ايندڙ ٽنهي ٽرينن ۾ عوام جي سهولت کي نظر ۾ رکندي هڪ هڪ اضافي بوگي لڳائيداسين. بابا گرونانڪ امن، دوستي، محبت، ڀائيچاري ۽ عدم تشدد  جو درس ڏنو، پوري قوم ڪشمير ڪاز لاءِ پاڪستان جي فوجن سان گڏ بيٺل آهي. ڪشمير ايشو تي اپوزيشن ۽ حڪومت متحد آهن، مودي ٽرمپ سان ملاقات ۾ پاڪستان جي وجود کي تسليم نه ڪيو. لڳي ٿو ته 1947ع وارو دور ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي. هو آچر تي ننڪانه صاحب ۾  ريلوي اسٽيشن جي تعمير هيٺ عمارت جي معائني بعد ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. شيخ رشيد احمد چيو ته ڀارت پنهنجي روئي سان ڳالهين جي ڪا گنجائش نه ڇڏي، ايٽمي ڌماڪا ڪري ڀارت تمام غلط ڪم ڪيو جواب ۾ اسان به ايٽمي ڌماڪا ڪيا ۽ هن وقت ان پوزيشن ۾ آهيون ته ڀارت جي اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائي سگهون. هن چيو ته اسان وٽ ننڍا ننڍا ايٽمي هٿيار به موجود آهن جيڪي ضرورت  جي وقت استعمال ٿي سگهن ٿا ، ڀارت جيڪڏهن جنگ جي ڪوشش ڪئي ته اها آخري جنگ هوندي، جيڪڏهن ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ڪشمير مسئلي کي نبيرڻ طرف وڌندو ته پوءِ ئي ڳالهين لاءِ سوچبو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *