ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏيڻ جي موقف کان پوئتي نه هٽنداسين: بلاول ڀٽو

لاهور (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس دوران ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشمير ڪاز پيپلز پارٽي جي نظريي ۾ شامل آهي، ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏيڻ جي موقف کان پوئتي نه هٽنداسين، هن چيو ته ن ليگ آزاد ڪشمير ۾ پ پ ڪارڪنن کي انتقام ڪارروائين جو نشانو بڻائي رهي آهي، آزاد ڪشمير سميت سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي جو ڪم جاري آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آزاد ڪشمير جي تنظيم لاءِ نون عهديدارن جو اعلان جلد ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *