ڪشميرين سان منهنجو رت جو رشتو آهي ڪشميرين تي ڀارتي ظلم سان دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي: مريم نواز

اسلام آباد (اين اين آءِ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز سان آزاد ڪشمير جي اسپيڪر شاهه غلام قادر ملاقات ڪئي جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي ايندڙ چونڊن ۽ پي ڊي ايم جي جلسي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي آچر تي جاري ڪيل بيان مطابق شاهه غلام قادر مظفرآباد ۾ جلسي جي تيارين کان مريم نواز کي آگاهه ڪيو مريم نواز چيو ته ڪشميرين سان منهنجو رت جو رشتو آهي ڪشميرين تي ڀارتي ظلم سان دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي آزاد ڪشمير جي چوندن ۾ ڀرپور مهم هلائي ويندي هن چيو ته مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير ۾ ٻيهر حڪومت ٺاهيندي ڪارڪن تياري ڪن جلد آزاد ڪشمير ۾ چونڊ مهم شروع ڪنداسين شاهه غلام قادر چيو ته پي ڊي ايم جي ڪشمير ۾ جلسي سان مثبت پيغام ويندو پي ڊي ايم قيادت جو مظفرآباد ۾ ڀرپور استعمال ڪنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *