ڪشميرين سان ايڪتا، سڄي ملڪ ۾ ڀارت خلاف مظاهرا، مودي جي پتلن ۽ڀارتي جهنڊي کي ساڙيو ويو

لاهور/اسلام آباد/گجرانالا/ پشاور/ سيالڪوٽ/ ڪراچي/ مظفرآباد/ والاريل ڪشمير (اين اين آءِ) ڀارتي ظلمن جي خلاف ۽ ڪشميري ڀائرن سان ايڪتا جي اظهار لاءِ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪشمير ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو ويو والاريل ڪشمير ۾ شٽرڊائون هڙتال ڪئي ويئي جڏهن ته لنڊن ۾ به پاڪستانين ۽ ڪشميرين پاران ڪشمير سان ايڪتا اظهار لاءِ ريليون ڪڍيون ويون پاڪستان ۾ سياسي جماعتن سماجي ادارن ۽ سول سوسائٽِ پاران ڪشميرين سان ايڪتا اظهار ۽ ڀارتي ظلم جي خلاف سڄي ملڪ ۾ جلسا جلسو ۽ ريليون ڪڍيون ويون جنهن ڀارتي ظلم خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مطاهرن ۾ ڪشمير سان ٻڌي جي اظهار لاءِ ڀارتي وزيراعظم ۽ ڀارتي فوج جي سربراهه جا پتلا ساڙهيا ويا جڏهن ته مختلف تنظيمن پاران ڪيمپ قائم ڪيا ويا ۽ انساني هٿن جون زنجيرون ٺاهي مظلوم ڪشميرين سان ايڪتا جو اظهار ڪيو ويو تفصيل مطابق 5 فيبروري تي آزاد ڪشمير سميت لاهور گجرانوالا فيصل آباد سيالڪوٽ جهلم اسلام اباد راولپنڊي ملتان پشاور ڪوئيٽا ڪراچي مظفرآباد وانگر ملڪ ۾ ڪشمير ڪارروان جلسان ۽ ڪانفرنسن جو اهتمام ڪيو ويو ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا مسلم ليگ (ن) لاهور پيپلزپارٽِ لاهور جماعت اسلامي جماعت دعوت مسلم ليگ (ق) سميت ٻين سياسي جماعتن سماجي ادارن ۽ سول سوسائٽي پاران ڪشميرين سان ايڪتا اظهار لاءِ سڄي ملڪ ۾ مختلف هنڌن تي ريليون ڪڍيون ويون ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا لاهور ۾ مختلف تنطيمن ڪشميرين سان ايڪتا اظهار لاءِ ڀارتي وزيراعظم ۽ ڀارتي فوج جي سربراهه جا پتلا به ساڙيا ويا ان موقعي تي موجود ماڻهن ڪشميري ڀائرن تي ڀارتي ظلمن جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ڪشمير ايڪتا ڏهاڙي جي مطابق والاريل ڪشمير ۾ شٽرڊائون هڙٽال ڪئي پيئي جڏهن ته لنڊن ۾ هندڙ پاڪستان ۽ ڪشميرين پاران ڀارتي ظلمن جي خلاف ريليون ڪڍيون سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ ڪشمير ڪانفرنس ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي جماعت دعوت پاران ملڪ ۾ ايڪتا ڪشمير جي حُالي سان ڪئمپ قائم ڪيا ويا ۽ مقامي سطح تي جلسا ڪيا ويا جن ۾ غيرتمند پاڪستانين جوشيلي انداز ۾ شرڪت ڪئي ڪشمير ايڪتا ڏهاڙِ جي موقعي تي جماعت دعوت جو سڀ کان وڏو جلسو هاءِ ڪورٽ چوڪ تي ٿيو جن ۾ سمورن زندگي جي شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان ڏس ۾ جماعت دعوت لاهور جي 20 هنڌن تان عالمڪن سڳورن ۽ تعلقي ذميوارن جي قيادت ۾ قافلا ڪڍيا ويا جيڪي شاگردن وڪيلن ۽ زندگي جي ٻن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي وٺي ڪشمير ڪارروان ۾ شريڪ ٿي ڪشمير ڪاران جلسن ۽ ڪانفرنسن دوران ڪشمير اسان جو آهي سڄو اسان جو آهي ڪشميرين سان رشوت ڇا لا اله الالله ۽ تنهنجي منڊي منهنجي منڊي راولپنڊي جا نعرا لڳايا ويا اسلام آباد ۾ فيض آباد مان آبپاره چو تان ڪشمير ڪارروان ڪڍيون جنهن جي پڄاڻي تي جماعت دعوت جو حافظ عبدالرحمان مڪي مولانا فضل الرحمان خليل شفيق الرحمان عبدالرحنا ۽ ٻين خطاب ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي استحقام ۽ بقا لاءِ ڪشمير کي ڀارت جي قبضي مان ڇڏائڻ شروري آهي ڪشميري پاسڪتان جي سالميت جي جنگ وڙهي ريها آهن ڪشمير کان سواءِ پاڪستان اڻپورو آهي پاڪستاني قوم ڪشمير شهيدن جون قربانيون رائيگان نه ٿيڻ ڏيندي. بهاولپوڙ ۾ ون يونٽ چوڪ کان ختم نبوت چوڪ تائين ريلي ڪڍي ويئي اهڙي طرح جماعت دعوت پاران گجرات مريدڪي قصور قله گنگ ڊسڪا ڪامونڪي وزيرآباد ساهيوال بهاولنگر ڊيرا اسماعيل خان گوجر خان ميرپور ڪوٽلي هريپور مانسره ايبٽ آباد ۽ ٻين شهرن ۾ ۽ علائقن ۾ ڪشمير ڪانفرنسن ۽ جلسن ۽ ڪشمير ڪاروان جو آغاز ڪيو ويو. جڏهن ته ڪراچي ۾ جماعت دعوت جي انتظام هيٺ سفاري پارڪ کان پريس ڪلب تائين وڏي ريلي ڪڍي ويئي جنهن جي پڄاڻي تي عام جلسي جو اهتمام ڪيو ويو جماعت دعوت جي جلسي کي امير جماعت دعوت ڪراچي ڊاڪٽر مزمل اقبال هاشمي حافظ ڪليم الله ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *