ڪشمير، ڪرپشن ۽ دهشتگردي وارن معاملن تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو: پيپلز پارٽي

اسلام آباد(م.ڊ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪشمير معاملي، ڪرپشن ۽ دهشتگردي وارن معاملن تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو گڏيل اجلاس جاري آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته  ڪشمير معاملو هجي، دهشتگردي جو وارو معاملو هجي يا ڪرپشن جو معاملو هجي سمجهوتو نه ٿيندو. اميد آهي ته اجلاس ۾ جيڪي ڳالهيون طئي ٿينديون انهن تي عمل به ٿيندو. پاڪستان 7 ڏهاڪن کان ڪشمير خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي. يقين آهي ته ايوان جي راءِ تي عمل ٿيندو.  ماضي ۾ ايوان ۾ پاس ٿيل متفقه ٺهرائن تي عمل ناهي ٿيو. اسان حالتن کي ڏٺو آهي اها نئين ڳالهه ناهي ته پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي جنگيون وڙهيون ويون. مخالف ڌر به ايتري ئي محب وطن آهي جيتري حڪومت آهي.هن چيو ته پاڪستان ڪشمير جي حمايت ۾ اڳتي رهيو آهي ۽ اڳتي رهندو. ماضي ۾ طئي ڪيل ڳالهين تي عمل ٿئي ها ته اڄ اهڙيون حالتون نه هجن ها. پاڪستان ڪشمير جي حقن لاءِ وڙهيو آهي، ڪشمير جي معاملي تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو. هن چيو ته سارڪ ڪانفرنس جي مثال سامهون آهي، حڪومت تي تنقيد جي نشاندهي ڪري رهيو آهيان. ماضي ۾ دٻاءُ وجهندا رهون ها ته ڪشمير ۾ اڄ دهشتگردي نه هجي ها. ڏسڻو پوندو ته پاڪستان جي پرڏيهي  پاليسي ڪمزور ڇو آهي؟ سارڪ ڪانفرنس جي ملتوي ٿيڻ وارن سببن تي غور ڪرڻو پوندو. ڀارت پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪ ڀارت جنگيون ڪشمير لاءِ وڙهيون ويون آهن. پنهنجين غلطين جو احساس ڪنداسين تڏهن ئي صحيح رستي تي وينداسين. اسان کي ڪمزور فيصلا نه ڪرڻ گهرجن. وزير اعظم نواز شريف جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير معاملي تي سٺي تقرير ڪئي پر ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جو ذڪر نه ڪيو جڏهن ته 5 ملڪن سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته وزير اعظم ٻڌائي ها ته بلوچستان پاڪستان جو علائقو آهي، والاريل علائقو ناهي. وزير اعظم گڏيل قومن ۾ ڀارتي جاسوس واريو معاملو اٿاري ها. ٻئي طرف پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايندڙ چونڊن کانپوءِ پ پ وزير اعظم هائوس ۾ ۽ نواز شريف جيل ۾ هوندو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزير اعظم صاحب توهان پنجاب نه پر سڄي پاڪستان جا وزير اعظم آهيون. هن چيو ته اسان کي چيو ويو ته سياسي فائدي لاءِ اي پي سي جو بائيڪاٽ ڪيو، پارليامينٽ نواز شريف جي ذاتي ملڪيت ناهي، پر اسين ڪشمير مسئلي تي ڪم ناهيون ڪندا. وزير اعظم کي چيو هو ته اسين قومي اتحاد جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته وزير اعظم خورشيد شاهه جي مطالبي تي اي پي سي گھرائي، اي پي سي ۾ وزير اعظم کي ڪجھه تجويزون ڏنيون. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته سي پيڪ آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي جو منصوبو هو. ڪشمير پاليسي تي اسين سڀ هڪ آهيون. هن چيو ته پاڪستان جا دشمن اسان جي ڪمزورين تي نظر رکيو ويٺا آهن. ڪالهه ڪوئيٽا ۾ منهنجي ڀينرن کي قتل ڪيو ويو. جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته وزير اعظم واعدو ڪيو هو ته پاناماليڪس تي احتساب ٿيندو. کيس چيو آهي ته پاناما ليڪس تي جاچ لاءِ پارليامينٽ مان بل پاس ڪرائي. هن چيو ته آئون هاڻي آيو آهيان، سنڌ ۾ تبديليون آنديون آهن، پيپلزپارٽي ۾ به تبديليون آڻيندس. ايندڙ چونڊن ۾ پ پ ڪاميابي ماڻيندي پ پ وزير اعظم هائوس ۾ ۽ نواز شريف پاناما پيپرز معاملي تي جيل ۾ هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *