
دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي عالمي اداري “آئي سي سي” ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2016ع جي عورتن ۽ مردن جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو،B گروپ ۾ شامل پاڪستان ۽ ڀارت شامل جيڪي 19 مارچ تي هڪ ٻئي جو پاڻي ڪڇيندا.ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو ميلو 8 مارچ کان لڳندو جيڪو 3 اپريل تائين ڀارت ۾ جاري رهندو.ايونٽ ۾ 10 ملڪن جون ٽيمون شامل ٿي رهيون آهن.ٽورنامينٽ ۾ مردن جون 35 جڏهن ته عورتن جون 23 ميچون ٿينديون،مردن واري 10 ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي.فروپ” A“ ۾ سريلنڪا،ڏکڻ آفريڪا،ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ سوڌو ڪواليفائينگ مرحلي ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ هڪ ٽيم شامل هوندي.جڏهن ته“B“ گروپ ۾ پاڪستان، ڀارت، نيوزي لينڊ، آسٽريليا ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائنگ ڪندڙٽيم کيڏندي.ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪواليفائنگ ڪرڻ لاءِ، بنگلاديش، زمبابوي، اومان، اسڪاٽ لينڊ، هانگ ڪانگ، آرلينڊ، هاليند ۽ افغانستان ۾ مقابلو ٿيندو.جڏهن ته روايتي مخالف ٽيمون پاڪستان ۽ ڀارت ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪپ 2016 ع ۾ 19 مارچ تي ڪولڪتا جي ميدان تي هڪ ٻئي آمهون سامهون ٿينديون.