ڪرڪيٽر شرجيل خان کي ملندڙ ڌمڪين کانپوءِ ايس ايس پي سهائي عزيز سندس گهر پهچي وئي،سيڪيورٽي سخت

حيدرآباد (اسپورٽس نيوز)حيدرآباد پاڪستاني ڪرڪيٽر شرجيل خان کي ملندڙ ڌمڪين کانپوءِ ايس ايس پي سهائي عزيز ۽  پوليس جي وڏن اٽالن سان گڏ سندن گهر پهچي شرجيل خان جي گهر جي سيڪيورٽي سخت ڪري ڇڏي.شرجيل خان پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل ويڊيو جنهن ۾ هن کيس ملندڙ ڌمڪين جو ذڪر ڪيو آهي.ان کانپوءِ حيدرآباد پوليس جي سيڪيورٽي سخت ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته شرجيل جي والد جو چوڻ آهي ته شرجيل جو مسلسل پي سي بي رابطو آهي.پي سي بي جي هدايت کانپوءِ ئي ڪو بيان جاري ڪري سگهبوجڏهن ته شرجيل جي حييدرآباد ۾ موجود هجڻ جا اطلاح پڻ آهن هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته شرجيل خان گذريل رات حيدرآباد جي هڪ ڪلب ۾ رٿيل پارٽي ۾ پڻ شرڪت ڪئي آهي.هو هن وقت پنهنجي گهر ۾ موجود ناهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *