ڪرڪ/قلات روڊ حادثا، 11 ڄڻا اجل جو شڪار، 10 زخمي

ڪرڪ/قلات(م.ڊ) جي ٽي روڊ تي 2 مسافر گاڏين وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت جڏهن ته 10 زخمي ٿي پيا، ڪرڪ ۾  دائود شاهه چوڪ ويجهو زاڙه ڪنده واري جاءِ تي جي ٽي روڊ ٽي پشاور ويندڙ وين رستي تي ترڪڻ سبب مقامي بس اڏي تان نڪرندڙ وين سان ٽڪرائجي وئي، حادثي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻار فوت جڏهن ته 12 زخمي ٿي پيا، زخمين کي بانڊه دائود اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي وڌيڪ 2 زخمين دم ڌڻي حوالي ڪيو، زخمين مان ڪيترن ئي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن سبب  فوتگين جي تعداد ۾ واڌ جو خدشو آهي. ٻئي طرف قلات ۾ ٽريفڪ حاثي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، ليويز ذريعن مطابق قلات ۾ قومي شاهراهه تي لاڪوريان واري جاءِ تي پڪ اپ گاڏي رستي جي ڪناري تي بيٺل ٽريلر سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ 3 ڄڻا گل محمد، نبي بخش ۽ محمد ياسين موقعي تي فوت ٿي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *