ڪرپشن ۾ ملوث اهم شخصيتن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ گهرجي:صدر ممنون حسين

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان جي صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جو هر شهري ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني کان پاڪ بهتر حڪمراني جو خواهشمند آهي ڪرپشن ۾ ملوث اهم شخصيتن کي عبرتناڪ سزا ملڻ گهرجي ايندڙ ڏينهن اسان جي ماضي ۽ حال کان بهتر ئي نه آهي پر گهڻو بهتر ٿيندو قومي معاملن بابت عوام ۽ حڪومت وچ ۾ ڪائي وٿي باقي نه رهندي ڪوئي معاشرو ان وقت تائين ڪامياب نٿو رهي سگهي جيستائين ان ۾ احتساب ۾ بنيادي قدر جي حيثيت حاصل نه ٿي وڃي لاڳاپيل ادارا پنهنجي صلاحيت کي وڌائيندي ڪرپشن جي لاءِ سموريون صلاحيتون ڪتب آڻين سومر تي احتساب ۽ گڊ گورننس جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته هن سيمينار ۾ اوهان جي شرڪت ۽ ان ۾ بحث هيٺ معاملن ۾ اوهان جي دلچسپي ظاهر ڪري ٿي ته وطن عزيز ۾ احتساب ۽ بهتر حڪمراني قومي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ پاڪستنا جو هر شهري ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني کان پاڪ بهتر حڪمراني جو خواهشمند آهي اڄوڪو هي سيمينار ظاهر ڪري ٿو ته انهن عوامي خواشن ۾ رياست جا ادارا به شريڪ ٿي چڪا آهن جيڪا هڪ بهتر ۽ سٺي ڳالهه آهي عوام ۽ سرڪاري ادارا جڏهن ڪنهن معاملي ۾ هم خيال ٿي وڃن ته پوءِ ملڪ ۾ بهتر تبديلي جو رستو روڪڻ ممڪن ناهي رهندو مان اوهان کي يقين ڏياريان ٿو ته ان ڏس ۾ ايندڙ صبح اسان جي ماضي ۽ حال کان بهتر ئي نه پر گهڻو بهتر ٿيندو اهي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان اهي سازگار سببن کي نظر ۾ رکندي سياسي انتظامي عدالتي سطح تي ان عزم کي مضبوط بڻايون ۽ ان حوالي سان رائج عالمي معيارن تي عملدرآمد ڪيون ته جيئن عوام ۽ اسان جا ادارا عالمي برادري جي قدم سان قدم ملائي هلي سگهن ان ڏس ۾ منهنجو ويزن اهو آهي ته بدعنواني جهڙي معاشرتي برائي کي روڪڻ لاءِ مادي ۽ دنوي سببن سان گڏوگڏ انسان جي روحاني ڪيفيتن تي به توجهه ڏيڻ گهرجي ڇو ته هن ڳنڀير مسئلي جو بنياد صرف ناانصافي معاشرتي اڻبرابري ۽ دولت جي لالچ نه پر ان جو هڪ اهم سبب ديني ۽ اخلاقي قدرن کان دوري به آهي اهڙي قسم جي صورتحال ۾ ضروري آهي ته انسان جي اخلاقي ۽ روحاني تربيت جا پهلو به نظر ۾ رکيا وڃن. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته بيروڪريسي ۾ سڌارن لاءِ سفارشن جي تياري جو ڪم پلاننگ ڪميشن جي حوالي ڪيو ويو آهي هي هڪ درست قدم آهي مون کي اميد آهي ته ان جا بهتر نتيجا نڪرندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *