ڪرپشن ۽ بدعنواني ملڪ جي ترقي ۾ وڏي رنڊڪ آهن، ملڪي ناڻي تي ڌاڙو هڻندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي:صدر ممنون حسين

ڪوئيٽا (بيورو) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڪرپشن ۽ بدعنواني ملڪ جي ترقي ۾ وڏي رنڊڪ آهن، ملڪي ناڻي تي ڌاڙو هڻندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي چونڊيل نمائندن کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته ڪرپشن ۽ بدعنواني ملڪ جي جي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهن،جن جي خاتمي لاءِ سنجيده ڪوششون وٺڻيون پونديون. هــُن چيو ته 2008 کان 2013 تائين ملڪي قرضن ۾ بي پناهه واڌ ٿي آهي، گذريل حڪومتن ملڪ جي ترقي تي ڪو به ڌيان نه ڏنو.   صدر ممنون چيو ته بي ايماني ۽ بدعنواني لعنت آهي، ملڪ ناڻو لٽيندڙن جو بنا فرق جي احتساب ٿيڻ گهرجي. صدر وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت مختلف ذريعن کان بجلي جي پيداوار وڌائي رهي آهي، اقتصادي راهداري منصوبي سان سموري خطي ۾ خوشحالي ايندي. ممنون حسين وڌيڪ چيو ته لاهور ڪراچي موٽروي تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو، اهي منصوبي انتهائي اهم آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *