ڪرپشن کان پوءِ ٽيڪس چورن جو وارو، قومي ناڻو ڦريندڙن کي احتساب جي عمل مان گذرڻو پوندو: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان قوم جي نالي پنهنجو پيغام ڏيندي چيو آهي ته ڪرپشن کان پوءِ ٽيڪس چوري جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. حڪومت طرفان متعارف  ڪرايل ٽيڪس ايمنسٽي جي حوالي سان قوم جي نالي پيغام ۾ وزير اعظم جو چوڻ هو ته توهان جي لاءِ اهم اسڪيم کڻي آيو آهيان ۽ توهان وٽ اثاثا ظاهر ڪرڻ جو سنهري موقعو آهي. وزير اعظم عمران خان چيو ته 30 جون تائين پنهنجا اثاثا ڊڪليئر ڪيو ۽ ٽيڪس ڏيو ۽ ان اسڪيم جي تحت توهان پنهنجا سمورا اثاثا ظاهر ڪري سگهو ٿا. سندس چوڻ هو ته اسان قرضن جي دلدل ۾ ڦاسي پيا آهيون ۽ قوم کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻو پوندو ڇو ته اسان کي ايندڙ 5 سالن تائين ساڍا 5 ارب رپيا گهربل آهن. وزير اعظم چيو ته ٽيڪس جي چوري ختم ڪري ئي قرضن مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو. عمران خان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪرپشن ڪندڙن کي نه ڇڏينداسين ۽ هاڻ ٽيڪس چوري کي به منهن ڏيڻو آهي. نوٽ: هي شروعاتي خبر وڌيڪ تفصيل شامل ڪيا پيا وڃن.

ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قومي ناڻو ڦريندڙن کي احتساب جي عمل مان گذرڻو پوندو. وزيراعظم عمان خان سان مسلم ليگ ق جي صدر شجاعت حسين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پرويز الاهي، طارق بشير چيما،  مونس الاهي، جهانگير ترين موجود هئا. ملاقات ۾ چوڌري پرويز الاهي بجيٽ جي حمايت جي خاطري ڪرائيندي چيو ته مرڪز ۽ صوبي ۾ بجيٽ منظور ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت جي غير مشروط حمايت تي مسلم ليگ ق جي قيادت جو ٿورائتو آهيان، اتحادين کي گڏ کڻي هلنداسين، قومي دولت ڦريندڙن کي احتساب جي عمل مان گذرڻو پوندو. ق ليگ وزيراعظم سان پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته  ڪيل واعدن تي اڃا تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته مسلم ليگ ق مونس الاهي کي وفاقي ڪابينا شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ٻئي طرف ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته وزيراعظم سان ملاقات خوشگوار ماحول ۾ٿي،  ق ليگ بجيٽ ۾ حڪومت جي مڪمل حمايت ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *