ڪرپشن خلاف هلندڙ آپريشن مطمئن ڪندڙ ناهي، عوام جو ناڻو لٽيندڙن سان ڪابه رعايت نه ڪرڻ گھرجي: قادر مگسي

نوابشاهه (ڊ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته پ پ جي آشرواد سان بحريه ٽائون ۽ ذوالفقار آباد جهڙا منصوبا جوڙي سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، ڪرپشن خلاف هلندڙ آپريشن مطمئن ڪندڙ ناهي، عوام جو ناڻو لٽيندڙن سان ڪابه رعايت نه ڪرڻ گھرجي..نوابشاهه ۽ دوڙ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ ڌرتي وسيلن سان مالا مال هوندي به سنڌ جو عوام بک ۽ بدحالي جو شڪار آهي، حڪمرانَ ووٽ وٺڻ بعد عوام کي وساري ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا آهن..هن چيو ته پ پ اڳواڻن ملڪ رياض سان گڏجي ذوالفقار آباد ۽ بحريه ٽائون رٿائون جوڙي سنڌ جي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سنگين سازش ڪئي آهي، جڏهن ته لنڊن ۾ ويٺل الطاف حسين سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪا ان سازش جي ڪڙي آهي..ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته دهشگردي جي خاتمي لاءِ شروع ڪيل ڪراچي آپريشن کي نتجا ڏيندڙ بڻائي، مصلحتن جي ور چڙهڻ کان بچائڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *