ڪرپشن جي الزام ۾ عدالت ويندڙن کي 40 گاڏين جو پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي: عمران خان

ڪوٽ ادو (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن اسان ووٽ جو صحيح استعمال ڪيو ته ملڪ بڻائي سگهون ٿا، ڪوٽ ادو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب ٻارڙا مري رهيا آهن، هن چيو ته رستي تي ٻار پيدا ٿي رهيا آهن، ڇو ته اسپتالن ۾ جڳهه ناهي، حقيقي جمهوريت جو مطلب آهي ته ملڪ جو سربراهه عوام کي جوابده آهي، هن چيو ته اسان وزيراعظم خلاف اسپيڪر کي ريفرنس اماڻڻ جو چيو، ان نه اماڻيو، عمران خان چيو ته مان پهرين به هتي آيو آهيان، ڪڏهن اهڙو جذبو ناهي ڏٺو، ننڍڙي ڪرپٽ مافيا هر هر وارا وٺي عوام جو پئسو چوري ڪندي آهي، قوم جي پئسن مان ٻاهرين ملڪن ۾ محل بڻايا ويندا آهن،  هن چيو ته دين جي نالي تي ماڻهن کان ووٽ ورتا ويندا آهن، اٽو، لٽو ۽ اجهو جي نالي تي ووٽ ورتا ويندا آهن، خواجا آصف چوي ٿو ميان صاحب فڪر نه ڪريو قوم جلد وساري ويهندي، هن چيو ته جڏهن قوم ۾ شعور اچي ويندو آهي ته پوءِ اها پنهنجا فيصلا سوچي سمجهي ڪندي آهي، هن چيو ته جڏهن قوم سوچي سمجهي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ته حقيقي جمهوريت ايندي آهي، جيڪڏهن اسان ووٽ جو ٺيڪ استعمال ڪيو ته ملڪ خوشحال ٿي سگهي ٿو، انهن ماڻهن جون ملڪيتون ٻاهرن آهن، عيدون به ٻاهر ملهائيندا آهن، اسپيڪر نواز شريف خلاف ان لاءِ ريفرنس نه اماڻيو، ته اهو انهن يج گهر جو ماڻهو آهي، عمران خان چيو ته جيڪڏهن حقيقي جمهوريت هجي ها ته وزيراعظم پارليامينٽ ۾ جواب ڏئي ها، پارليامينٽ ۾ هٿ کڻي قانون پاس ڪوي ويو ته ڏوهاري سياسي جماعت جو سربراهه ٿي سگهي ٿو، پارليامينت عوام جا پئسا چوري ڪندڙن جي مدد ڪري رهي آهي، پارليامينٽ وزيراعظم کان جواب طلب نه ڪيو ته اسان کي سپريم ڪورٽ وڃڻو پيو، هن چيو ته حقيقي جمهوريت ۾ قانون جي بالادستي هوندي آهي، سڀ برابر هوندا آهن، ڪرپشن جي الزام ۾ عدالت ويندڙن کي 40 گاڏين جو پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي، هن چيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻار خراب پاڻي پيئڻ سبب مري ويندا آهن، 45 سيڪڙو ٻارڙا پوري خوراڪ نه ملڻ تي ذهني ۽ جسماني طور صحت مند ناهن هوندا، عمران خان چيو ته وزيراعظم پارليامينٽ کي جواب ده هوندو آهي، نواز شريف پارليامينٽ ۾ ڪوڙ ڳالهايو، هتي اسپتال ۾ هڪ بيڊ تي 4 مريض آهن، عوام جو پئسو چوري ڪندڙن کي عوام جي پئسن سان ئي پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي، جيڪڏهن حقيقي جمهوريت هجي ها ته اهي جواب ڏين ها، انهن ماڻهو ثابت ڪري ڇڏيو ته پارليامينٽ عوام جي نه ڪرپٽ مافيا جي حفاظت ڪري رهي آهي، جمهوريت ۾ قانون جي بالادستي هوندي آهي، بادشاهت ۾ نه، دنيا جي ڪهڙي جمهوريت ۾ ايئن ٿيندو اهي ته عوام جي پئسن سان ڏوهاري کي پروٽوڪول ملي، وڏي دير کان چئي رهيو هيس ته اسحاق ڊار وڏو مني لانڊرر آهي، هاڻي اسحاق ڊار چوي ٿو، منهنجي طبيعت ٺيڪ ناهي، اسحاق ڊار کي مٿي ۾ سور به پوي ته علاج لاءِ ٻاهر ويندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *