
لاهور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته جيڪڏهن ايوان ۽ عدالت ڪرپشن روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن ته پوءِ رستن کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه بچندو آهي، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ پارليامينٽ قانونسازي نه ڪري ۽ عدالتن ۾ احتساب نه ٿئي ته لٽيرن جي نڪ ۾ ناڪيلي وجهڻ لاءِ صرف هڪ ئي رستو بچي ته عوام سان رابطو ڪيو وڃي، حڪمران اقتدار لاءِ پاڻ ۾ وڙهندي ۽ غريب ماڻهن جو رت چوسڻ ۽ پگهر جي ڪمائي لٽڻ ۾ هڪٻئي جي مدد ڪن ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن مظفر سيد ايڊووڪيٽ جي قيادت ۾ دير کان آيل صوبائي اسيمبلي جي ميمبر ۽ ضلعي حڪومت جي اعليٰ عهديدارن جي وفد سان اسلام آباد ۾ ملاقات دوران ڪيو، هن چيو ته 70 سالن کان ملڪ جي اقتدار تي قابض ٽولو پنهنجي دولت وڌائڻ ۽ اقتدار تي قبضي لاءِ هميشه عوام جي حقن جي لتاڙ ڪئي آهي، اهو ئي ٽولو چهرا مٽائي چونڊن ۾ عوام کي دوکو ڏيندو رهي ٿو، غريب کي ايوان تائين پهچڻ جو موقعو نه ڏنو ويو آهي، ان ٽولي ۾ موجود مامو، ڀاڻيجو، چاچو ۽ ڀائٽي جي سياست جو مهور پنهنجي مفاد جو تحفظ ۽ غريب جو مال پاڻ ۾ ورهائي رهيا آهن.