ڪرپشن جو الزام لڳائيندڙ ثابت ڪن ڪارروائي ڪنداسين، پول کولڻ تي اسان آياسين ته ڳالهه وڌي ويندي : ڄام خان شورو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي بلديات وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته شهر ۾ جاري صفائي مهم تي ڪنهن قسم جو ڪوئي خاص فنڊ جاري نه ڪيو ويو آهي ڪرپشن جو الزام لڳائيندڙ ثابت ڪن اسان ڪارروائي ڪنداسين پول کولڻ تي اسان آياسين ته ڳالهه وڌي ويندي ڪراچي ۾ سيوريج جي لائينن ۾ ٻوريون ۽ ٻيو سامان وجهي هڪ سازش ڪري هن مهم ۽ سيوريج جي نظام کي تباهه ڪيو پيو وڃي جنهن جي جاچ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي گذريل ڏينهن پاڻي جي فاٽل لائين ڪانٽريڪٽر جي غلطي هئي جنهن جي خلاف ڪارروائي جون هدايتون ڏيئي ڇڏيون آهن چونڊيل بلدياتي نمائنده پهريان حلف کڻن ان کان پوءِ اختيارن جي ڳالهه ڪن اسان انهن کي سمورا اختيار قانون مطابق ڏيڻ لاءِ تيار آهيون شهر ۾ سالون سال کان ڊمپر گنڌ جي ڊيرن کي صاف ڪرڻ لاءِ سموري ضلعي انتظاميه کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ۽ خود سب معاملن جي مانيٽرنگ ڪري رهيو آهيان ۽ ملندڙ شڪايتن تي پاڻ وڃي حقيقون معلوم ڪري رهيو آهيان اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ ڪورنگي ۾ شاهه فيصل ڪالوني ۾ قائم ناصر شهيد پارڪ ۾ وڻ پوکي تحت ٻوٽو لڳائڻ ۽ اتي صفائي جي انتظامن جو جائزو وٺن ۽ ان کان پوءِ شاهه فيصل ڪالوني ۾ ريلوي لائين جي ڀرپاسي سالون سال گنڌ کي کڻڻ جي ڪمن جو جائزو وٺڻ جي موقعي تي موجود ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو ان موقعي تي ايدمنسٽريٽر اورنگي غلام رسول ڊپٽي ڊائريڪٽر اسلم خان اياز محمد خان ۽ ٻيا به ان سان گڏ موجود هئا ان موقعي تي صوبائي وزير کي مهم دوران ڊسٽرڪٽ ڪورنگي ۾ لانڍي شاهه فيصل ڪالوني ۽ ڪورنگي جي سمورين يونين ڪائونسلز ۾ ٿيندڙ صفائي جي ڪمن ۽ جاري ڪمن تي ايڊمنسٽريٽر ڪورنگي غلام رسول تفصيلي بريفنگ ڏني ان موقعي تي ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر پاران هن مهم تي ڪروڙين رپيا خرچ ٿيڻ جي ڳالهه ۾ ڪائي صداقت نه آهي هن چيو ته هن مهم لاءِ ڪو خاص فنڊ به جاري نه ڪيو ويو آهي ۽ هي پوري مهم تمام ڊي ايم سيز پنهنجن وسيلن تحت هلائي رهي آهي هن چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن ليڊر کي ڪٿي ڪرپشن نظر اچي رهي آهي ته هو ثابت ڪري اسان ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪنداسين هن چيو ته اپوزيشن ليڊر پاران پول کولڻ جون ڌمڪيون خود سندس لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿيون ۽ جيڪڏهن اسان پول کولڻ سروع ڪري ڇڏيو ته پوءِ ڳالهه وڌي ويندي هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ڄام خان شورو چيو ته اجھ صبح ايم اي جناح روڊ تي سيوريج جي لائينن مان ٻوريون ۽ ڪجهه اهڙو مواد نڪتو آهي جنهن ۾ اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته ڪنهن منظم سازش تحت شهر ۾ سيوريج جي نظام کي تباهه ڪيو پيو وڃي هن چيو ته ان سلسلي ۾ ايم ڊي واٽر بورڊ ۽ ٻين عملدارن کي ان جي جاچ لاءِ حڪم ڏيئي ڇڏيا آهن هن چيو ته هڪ سازش تحت اسان جي صفائي مهم کي ناڪام بنائڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي پر اسان ڪراچي جي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪنداسين ۽ اهڙين سمورين سازشن کي نه صرف بي نقاب ڪري ناڪام بڻائينداسين پر وڌيڪ تيزي سان هن مهم کي ڪامياب ڪرائينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *