ڪرپشن جا ڪوڙا نعرا هڻندڙ ۽ ٻين تي گند ڦٽو ڪندڙ پاڻ ڪرپشن جو بادشاهه نڪتو:مريم نواز

لاهور (اين اين آءِ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته ڪرپشن جي ڪوڙا نعرا هڻندڙ ۽ ٻين تي گند ڦٽو ڪندڙ پاڻ ڪرپشن جو بادشاهه نڪتو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ هو ته ڪرپشن جا ڪوڙا نعرا هڻندڙ ۽ ٻين تي گند ڦٽو ڪندڙ پاڻ ڪرپشن جو بادشاهه نڪتو، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل شاهدي ڏني ته ٻن سالن کان پاڪستان ڪرپشن دلدل ۾ ڦاٿل آهي. مريم نواز جو چوڻ هو ته سچ ئي چيو هو ته وزير اعظم ڪرپٽ هجي ته هر پاسي ڪرپشن ئي ڪرپشن هوندي آهي، پر ماڻهو ايماندار آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *