ڪرپشن تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو، چورن ۽ ڦورن کي نه ڇڏينداسين: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي نه ٿيندي. تفصيل موجب اڄ وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، وزير اعظم هڪ ڀيرو ٻيهر وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ڪرپشن جي خاتمي تي زور ڏنو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي نه ٿيندي، پيٽروليم شين جي قيمتن بابت اي سي سي جو فيصلو برقرار رهندو. ڪابينا اجلاس ۾ وزير اعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرپشن جي خاتمي تي زور ڏنو، هن چيو ته ڪرپشن تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو، چورن ۽ ڦورن کي نه ڇڏينداسين. وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته گهٽ زور واري معيشت وراثت ۾ ملي آهي، معيشت ۾ بهتري جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا. وزير اعظم جي هدايت ڪئي ته وزير سحري ۽ افطار ۾ غريبن جو خيال ڪن، مصنوعي مهانگائي ۽ ذخيري اندوزي تي نظر رکي وڃي. ان کان سواءِ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ وزير اعظم وفاقي وزيرن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو، پر ان سلسلي ۾ وفاقي وزيرن کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيا ويندا. وزير اعظم اڄ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ به شرڪت جو فيصلو ڪيو، عمران خان پي ٽي آءِ پارليماني پارٽي جو اجلاس به اڄ طلب ڪري ورتو، هي اجلاس سڀاڻي منجهند پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *