ڪرپشن الزام: ارباب عالمگير ۽ پير مظهر سميت 5 ڄڻن خلاف جاچ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو) قومي احتساب بيورو (نيب) مبينا طور تي اربين رپين جي ڪرپشن جي الزامن تي مواصلات واري اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر ارباب عالمگير ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر عاصمه ارباب، سنڌ جي تعليم واري اڳوڻي وزير پير مظهر الحق، بلوچستان جي اڳوڻي ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن واري وزير محمد امين عمراڻي، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ ڪوئيٽا ڊولپمنٽ اٿارٽي جي چيئرمين محمد اسماعيل گجر ۽ پي آي آر سي جي چيئرمين ڊاڪٽر افتخار احمد خلاف جاچ جڏهن ته پيپڪو جي اڳوڻي ايم ڊي طاهر بشارت چيمه سميت ٻين خلاف جاچ ۽ سنڌ جي اڳوڻي عشر ۽ زڪوات واري وزير دوست محمد، نوشهرو فريروز سان تعلق رکندڙ ايم پي اي ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر، پنجاب يونيورسٽي جي اختيارين، خوراڪ ۽ تحقيق واري وزارت جي آفيسرن ۽ اڳوڻي ڊي جي سول ايويئيشن ايئر ڪموڊور (ر) محمد جنيد امين ۽ ٻين خلاف شڪايت جي جاچ پڙتال جو فيصلو ڪيو آهي.  نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس نيب هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ ٿيو. نيب جي چيئرمين قمر زمان چوڌري اجلاس جي صدارت ڪئي. نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ تعليم واري اڳوڻي وزير پير مظهر الحق ۽ ٻين خلاف جاچ جي منظوري ڏني. جوابدارن تي تعليم کاتي سنڌ ۾ 13 هزار استاسن کي غير قانوني طريقي سان ڀرتي ڪري قومي خزاني کي 4 کان 6 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي. نيب  جي بورڊ ناجائز ذريعن مان ملڪيتون ٺاهڻ تي مواصلات واري اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر ارباب عالمگير خان ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر عاصمه ارباب، سنڌ جي تعليم واري اڳوڻي وزير پير مظهر الحق، بلوچستان جي اڳوڻي ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن واري وزير محمد امين عمراڻي، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ ڪوئيٽا ڊولپمنٽ اٿارٽي جي چيئرمين محمد اسماعيل گجر خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته اختيارين جي ناجائز استعمال ۽ فنڊ ڦٻائڻ ذريعي قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ تي  پي آي آر سي جي چيئرمين ڊاڪٽر افتخار احمد خلاف جاچ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ سو ايويئيشن اٿارٽي جي اڳوڻي ڊي جي ايئر ڪموڊور (ر) محمد جنيد امين، اڳُني ڊپٽي ڊي جي سي اي اي ايئر وائيس مارشل (ر) ساجد حبيب، اڳوڻي ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل سي اي اي ايئر ڪموڊور (ر) جاويد خان ۽ ايئر ڪموڊور (ر) خالد علاءُ الدين خان ۽ ٻين خلاف ٻيهر جاچ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ پيپڪو جي اڳوڻي ايم ڊي طاهر بشارت چيمه ۽ اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر گيپڪو ابراهيم مجوڪه خلاف جاچ  جي به منظوري ڏني وئي. جوابدارن  اختيار اورانگهيندي غير قانوني طريقي سان مجاز آفيسر ڀرتي ڪيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *