ڪريڪ ڊائون جي مذمت، هاڻ نيوٽرل رهڻ جي گنجائش ناهي:عمران خان

پشاور(م.ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڇاپن سان نواز ليگ جو اصل چهرو وائکو ٿي ويو، نواز ليگ جي اقتدار ۾ اچڻ سان سندن فاشسٽ فطرت ظاهر ٿي ويندي آهي،  ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپن سان حڪومت جي هينڊلرز بابت پڻ سنجيده سوال پيدا ٿيا آهن، عمران خان چيو آهي ته هن وقت ڪنهن لاءِ به نيوٽرل رهڻ جي گنجائش ناهي، وچ ۾ ويهي رهڻ جو مطلب آهي ته توهان به ڏوهارين سان گڏ آهيو، پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته جيڪي پاڻ کي نيوٽرل چون ٿا، اُنهن کي واضح چوان ٿو ته توهان ملڪي سلامتي ۽ خودداري جو حلف کنيو آهي، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان مارچ جي اجازت نه ڏيڻ واري فيصلي کي غيرقانوني قرار ڏيندي چيو ته حڪومت ۽ آمرن ۾ ڪو فرق ناهي، ملڪ سان ظلم ٿيو آهي پر مارچ جي اجازت نٿي ڏني وڃي، هن چيو ته اڳوڻن فوجين ۽ شريف ماڻهن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، نيوٽرل، ججز ۽ وڪيلن کي پيغام ڏيان ٿو ته هي وقت فيصلائتو آهي، عدليه ۽ نيوٽرل ڏسن ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ڪابه جمهوري حڪومت ائين ناهي ڪندي، منهنجي جان کي خطرو آهي، پر پرواهه نٿو ڪريان، عمران خان چيو ته آئون سياست نه، جهاد ڪري رهيو آهيان، سڀاڻي لازمي قافلن سان گڏ اسلام آباد لاءِ نڪرندس

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *