ڪرينه جي معاوضو وڌائڻ جي مطالبي تي پريانڪا ۽ دپيڪا تي ڇتي تنقيد

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪرينا ڪپور معاوضو وڌائڻ واري مطالبي تي دپيڪا ۽ پريانڪا تي تنقيد ڪئي آهي بالي ووڊ اسٽار ڪرينه ڪپور پنهنجي منفرد فيشن اسٽائل سان گڏوگڏ حاضر دماغي سبب به شهرت رکي ٿي ته اداڪاره پنهنجي بيباڪ تبصرن سبب به تڪرارن جو شڪار رهي آهي پر هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر هن پنهنجي ساٿي اداڪارائن تي تنقيد ڪئي آهي ڀارتي ميڊيا موجب هڪ تقريب دوران ڪرينا ڪپور پاران اداڪارن جو معاوضو وڌائڻ واري مطالبي تي سوال ڪيو هو ته هن نالو وٺڻ کان سواءِ دپيڪا ۽ پريانڪا کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته بالي ووڊ مان هالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جو اهو مطلب نه آهي ته توهان جو معاوضو وڌايو ويندو. ۽ نه ئي ڪنهن جي برانڊ ويليو وڌي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *