ڪرينا ڪپور ٿاڻي پهچي وئي، چوري جو ڪيس داخل

ممبئي (شوبز نيوز) ڪرينا ڪپور جي ماءُ بنجڻ جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي، پر روايتي طور آرام ڪرڻ بدران مسلسل فلمي ۽ غير فلمي سرگرمين ۾ مصروف آهي، بهرحال ڪجهه ڏينهن اڳ هن کي هڪ اهڙي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن سبب هو پوليس سان رابطو ڪرڻ تي مجبور ٿي پئي. ڀارتي ميڊيا موجب ڪرينا ڪپور ممبئي جي بي ڪي سي پوليس اسٽيشن ۾ سي اي پرڪاش ٺڪر نالي شخص جي معرفت رپورٽ داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن هن جي پرميننٽ اڪائونٽ نمبر ۽ ان جي پاس ورڊ کي استعمال ڪندي جعلي انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرايا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پوليس ملڪ جي قانون موجب هن جو پي اي اين اڪائونٽ هيڪ ڪرڻ ۽ ان جو پاس ورڊ چورائڻ ۾ شامل شخصن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *