ڪروڙين ماڻهو گڏ ٿين تڏهن به اڳوڻو وزير اعظم زنده نه ٿيندو: فضل الرحمان

پشاور (اين اين آءِ) جي يو آئي (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته چئن سالن جي گند کي ڪيئن صاف ڪري سگهجي ٿو ملڪ کي مٿي ڪرڻو آهي ته ان ۾ وقت لڳندو عمران خان جي مارچ جي اهميت ٽڪي جي نه آهي هي مکيو مارڻ اسلام آباد اچي رهيا آهن پشاور ۾ قبائلي اڳواڻن ۽ تاجرن کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيوت ه سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پرچار  جمهوريت جي ڪئي وڃي ٿي ۽ عوام جي شرڪت جي ڳالهه ڪئيوڃي ٿي سڄي دنيا ۾ انساني حقن جا ادارا بڻجن ٿا ته حق سڀ کان وڌيڪ غريب قوم جا پائمال ٿين ٿا عالمي اسٽيبلشمينٽ جيڪا چاهي ٿي طاقت جي زور تي ڪري ڇڏي ٿي جاگرافيائي تبديل ڪئي وڃي ٿي عوام کي ورهايو وڃي ٿو سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي ڳالهه ڪئيوڃي ٿي پر آمريڪا لاءِ ڪائي حد نه آهي فاٽا جي 125 سالن جي حيثيت کي جڏهن تبديل ڪيو ويو ته قبائلي عوام کان نه پڇا ڪئي جڏهن مان عوام کان پڇڻ جوچوندو هوس ته طاقتور طاقتونمنهنجي ڳالهه تي کلنديون جيڪڏهن عوام کان نه پچيو ويندو جن انضمام جي مهم هلائي هئي اهيبه اڄ پشيمان آهن ته اسان ڇا ڪيو آهي فاٽا جي 19 نمائندن۾ صرف 4 انضمام جا حامي هئا باقي 15 نمائندن جا هٿ پير ٻڌا ويا هئا هن چيو ته مون کي ٻڌايو وڃي ته قبائلي علائقن جو فنڊ ڪٿي خرچ ٿيو آهي قبائلي علائقن جي هڪ انچ زمين جو بندوبست نه ٿيو آهي ترقياتي فنڊ صرف هڪ سيڪڙو علائقن ۾ مخصوص رستن قلعن ۽ مسجدن جي تعمير تي ڪيو ويو آهي قبائلي علائقن ۾ ريفرنڊم جي منهنجي ڳالهه کي نه مڃيو ويو انضمام صرف طاقتور قوتن کي اتي رهڻ جو جواز فراهم ڪرڻ هو اڄ به قبائلي علائقن ۾ ريرنڊم ڪرايو ته اهي انضمام جي حق ۾ آهي يا الڳ حيثيت ۾ رهڻ چاهين ٿا پي ٽي آئي اسلام آباد ۾ مکيون مارڻ لاءِ ايندي ڪير ملڪ جي تباهي لاءِ ان جو ساٿ ڏيندو هي ته الله جو ڪرم آهي اسان اڃا زنده آهيون ٻي صورت ۾ ملڪ حقيقت ۾ ڏيوالو ٿي چڪو اهي چئن سالنجي گند کي چئن ڏينهن ۾ ڪيئن صاف ڪري سگهجي ٿو. ملڪ اسان سڀني جو  آهي جيڪڏهن هي ٻڏندو ته اسان سڀني کي نقصان ٿيندو نقصان فوج جو به ٿيندو ادارن جو به ٿيندو ۽ سياسي جماعتن جو به ٿيندو حڪومت گڏيل فيصلو ڪيو آهي هي اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪنديون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *