ڪرونا وگهي وڌيڪ 118 ڄڻا فوت، 3838 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد/ڪراچي (اين اين آءِ) اين سي او سي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 3838 ڪيس ظاهر ٿيا آهن وڌيڪ 118 ماڻهو هن وائرس وگهي فوت ٿي ويا. ۽ وڌيڪ 2 هزار 837 مريض صحتياب ٿي ويا جڏهن ته هاڪاري ڪيسن جي شرح 7.36 سيڪڙو ٿي وئي. پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جا هن وقت تائين 25 هزار 788 مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن، هن مرض جي ڪل مريضن جو انگ 11 لک 60 هزار 119 ٿي چڪو آهي، ملڪ ۾ اسپتالن، آئسوليشن سينٽرز، وينٽِي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 94 هزار 573 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 5 هزار 542 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. جڏهن ته 10 لک 39 هزار 758 مريض هن وقت تائين صحتياب ٿي چڪا آهن گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ وڌيڪ 52 هزار 112 ٽيسٽون ڪيون ويون جڏهن ته هن وقت تائين ڪل هڪ ڪروڙ 77 لک 56 هزار 332 ڪرونا ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 12 لک 66 هزار 215 ماڻهن کي ڪرونا وائرس جي ويڪسين ڏني وئي جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 5 ڪروڙ 33 لک 14 هزار 628 ڪرونا ويڪسين جون خوراڪون ڏنيون ويون آهن سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ هڪ دفعو ٻيهر ٻين صوبن کان وڌيڪ 4 لک 31 هزار 636 ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ان سان ڪل فوتگيون 6 هزار 875 ٿي ويون. پنجاب ۾ ڪرونا وائرس جا هن وقت تائين 3 لک 93 هزار 136 مريض رپورٽ ٿيا آهن. جڏهن ته هتي ڪل فوتگيون ٻين صوبن کان وڌيڪ آهي جيڪي 11 هزار 876 ٿي چڪيون آهن ڪي پي ۾ مريضن جو انگ هڪ لک 61 هزار 853 ٿي چڪو آهي هتي ڪل فوتگيون 4 هزار 963 ٿي ويون آهن اسلام آباد ۾ 99 هزار 263 مريض هن وقت تائين سامهون آيا آهن هن وقت تائين هتي ڪل 866 ماڻهو هن وبا وگهي فوت ٿي چڪا آهن بلوچستان ۾ 32 هزار 230 مريض هن وقت تائين رپورٽ ٿيا اهن. هتي 338 ماڻهو هن وبا وگهي فوت ٿي چڪا آهن.  ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ ٻارڙا وڏي انگ ۾ ڪرونا وائرس سان متاثر ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي سنڌ جي صحت کاتي جي عملدارن مطابق شهر ۾ ڪرونا وائرس سان متاثرن ۾ 38 سيڪڙو ڇوڪريون ۽ 61 سيڪڙو ڇوڪرا شامل آهن شهر ۾ ڪرونا وائرس سان هن وقت تائين 1 کان 10 سالن تائين جا 43 هزار 26 ٻار متاٿر ٿيا آهن ڪراچي ۾ 11 کان 20 سال عمر تائين جا 2 لک 71 هزار 855 ٻار ڪرونا وائرس جو شڪار ٿيا آهن شهر ۾ ڪرونا وائرس سان متاثر ٻارڙن ۾ 38.4 سيڪڙو ڇوڪريون ۽ 61.6 سيڪڙو ڇوڪرا شامل آهن. ڪراچي جي سينٽرل ضلعي ۾ ڪرونا وائرس سان هڪ کان 10 سالن جا سڀ کان وڌيڪ 11 هزار 150 ٻار متاثر ٿيا آهن جڏهن ته هن عمر جا هن وبا سان سڀ کان گهٽ اولهه ضلعي ۾ 287 ٻار متاثر ٿيا آهن ڪورنگي ضلعي ۾ 11 کان 20 سالن تائين جا سڀ کان وڌيڪ 97 هزار 960 ٻار متاثر ٿيا آهن جڏهن ته انهن عمرين جا سڀ کان گهٽ اولهه ضلعي ۾ 656 ٻار متاثر ٿيا آهن، انگن اکرن مطابق 11 کان 20 سالن جي عمر جا سڀ کان گهٽ اولهه ضلعي ۾ 656 ٻار ڪرونا وائرس سان متاثر ٿيا جڏهن ته هتي هڪ کان 10 سالن تائين جي عمر جا به سڀ کان گهٽ 287 ٻار متاثر ٿيا آهن. اوڀر ضلعي ۾ هڪ کان 10 سالن تائين جي عمر جا 11 هزار 147 ٻار متاثر ٿيا آهن هن ضلعي ۾ 11 کان 20 سالن تائين جي عمر جا 34 هزار 512 ٻار متاثر ٿيا آهن. سينٽرل ضلعي ۾ هڪ کان 10 سالن تائين جي عمر جا 11 هزار 150 ٻار متاثر ٿيا جڏهن ته هتي 11 کان 20 سالن تائين جي عمر جا 34 هزار 512 ٻار متاثر ٿيا آهن ڏکڻ ضلعي ۾ هڪ کان 10 سالن تائين جي عمر جا 4 هزار 574 ٻار متاثر ٿيا آهن هتي 11کان 20 سالن جي عمر تائين جا 17 هزار 595 ٻار متاثر ٿيا آهن، ملي ضلعي ۾ هڪ کان 10 سالن تائين جي عمر جا 7429 ٻار ڪرونا وائرس سان متاثر ٿيا آهن هتي 11 کان 20 سالن تائين جي عمر جا 86 هزار 620 ٻار متاثر ٿيا آهن ڪورنگي ضلعي ۾ هڪ کان 10 سالن تائين جي عمر جا 8 هزار 442 ٻار ڪرونا وائرس سان متاثر ٿيا آهن جڏهن ته هتي هن وبا 11 کان 20 سالن تائين جي عمر جا 97 هزار 960 ٻارڙن کي متاثر ڪيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *