ڪرونا وائرس چين ۾ وڌيڪ 71 حياتيون کسي ورتيون، فوتين جو انگ وڌي 2663 ٿي ويو

تهران، جنيوا (اين اين آءِ) ڪرونا وائرس چين ۾ وڌيڪ 71 حياتيون کسي ورتيون، فوتين جو انگ وڌي 2663 ٿي ويو آهي، 12 ماڻهو فوت ٿيڻ کانپوءِ ايران ۾ به خوف ڇانيل آهي، صحت جي عالمي اداري خبردار ڪيو آهي ته ڪرونا عالمي وبا بڻجي سگهي ٿو جنهن لاءِ دنيا کي تيار رهڻ گهرجي، سڄي دنيا ۾ ڪرونا جي وڌندڙ وبا سان چين ۾ وڌيڪ 71 ماڻهو فوت ٿي ويا، فوتين جو انگ 2663 ٿي ويو، نيشنل هيلٿ ڪميشن موجب 508 نوان مريض ظاهر ٿيا آهن، ٻئي پاسي دنيا جا 30 ملڪ ڪرونا وائرس جي ور چڙهيل آهن، ڏکڻ ڪوريا جي وڌيڪ 60 شهرين ۾ ڪرونا جي تصديق ٿي آهي جنهن کانپوءِ متاثرن جو انگ 893 ٿي ويو، ڏکڻ ڪوريا ۾ ڪرونا وائرس سبب 8 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جاپان ۾ ڪرونا سبب فوتين جو انگ 4 ٿي ويو، اٽلي ۾ ڪرونا 7 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون آهن، ڪويت، اومان، بحرين، عراق، افغانستان ۾ ڪرونا جا مريض ظاهر ٿي رهيا آهن، عالمي صحت جي اداري خبردار ڪيو آهي ته ڪرونا عالمي وبا بڻجي سگهي ٿو جنهن لاءِ دنيا کي تيار رهڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *