ڪرن جوهر کي هڪ ٻيو وڏو جهٽڪو، ايشوريا راءِ به سندس ساٿ ڇڏي ڏنو

ممبئي (شوبز نيوز) مشهور بالي ووڊ هدايتڪار ڪرن جوهر کي هڪ ٻيو وڏو جهٽڪو لڳي ويو، ڪرن جوهر جي اڳوڻي دوست ڪاجول کان پوءِ ايشوريا راءِ به سندس ساٿ ڇڏي ڏنو. بالي ووڊ فلم انڊسٽري ۾ اداڪارا ڪاجول ۽ ڪرن جوهر جي دوستي جا مثال ڏنا ويندا آهن پر گذريل ڪجهه عرصو اڳ ٻنهي جي دوستي ۾ ڏارون پئجي ويون هيون، جنهن سبب ٻنهي هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪرن جوهر پنهنجي ڪتاب ” ان سوئيٽ ايبل بواءِ“ جي لانچنگ جي وقت هي انڪشاف ڪيو هو ته هن جي ۽ ڪرينا ڪپور جي وچ ۾ معاملا ڪجهه ٺيڪ ناهن ۽ هاڻي ڪجهه خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ايشوريا راءِ به ڪرن جوهر سان ناراض آهي. ايشوريا راءِ بچن جي پيءُ ڪرشنا راج راءِ 18 مارچ 2017ع تي بيمار رهڻ کانپوءِ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو هو، جنهن ۾ بالي ووڊ سان تعلق رکندڙ سمورن ماڻهن شرڪت ڪئي هئي پر ڪرن جوهر جي شرڪت نه ڪرڻ تي ايشوريا راءِ اُن سان ناراض ٿي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *