ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس: ماڊل ايان علي عدالت ۾ پيش، 28 مئي تائين رمانڊ ۾ واڌ

راولپنڊي(م.د) ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي کي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ايان علي جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 28 مئي تائين واڌ ڪندي حتمي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايان علي پنهنجي پيءُ سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي کي سخت حفاظتي انتظامن هيٺ بئنڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ڪيس جو چالان پيش نه ڪرڻ تي جاچ آفيسر تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته 70 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪيس جو چالان پيش ڇو ناهي ڪيو ويو. عدالت ايان علي جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 28 مئي تائين واڌ ڪندي جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي حتمي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هوڏانهن ماڊل ايان علي پنهنجي پيءُ سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته سندس والد کيس ٽن سالن جي عمر ۾ ڇڏي ويو هيو هو هاڻي پيءُ هجڻ جو حق نه ٿو رکي.. ايان علي کي سندس وڪيلن سان ملايو ويو، بعد ۾ واپس کيس جيل اماڻيو ويو.. هوڏانهن ايان علي جي پيءُ راجه حفيظ چيو آهي ته هن کي ڌيءُ سان ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي، هو پنهنجي ڌيءُ سان ملاقات ڪري حقيقتن تان پردو کڻندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هنن جو صرف آصف علي زرداري سان تعلق نه جوڙيو وڃي، هن جي خاندان جا بينظير ڀٽو جي خاندان سان لاڳاپا هئا، هن جي ڪنهن سان ڪا ذاتي دشمني ڪونهي……..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *