
نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪرشما ڪپور ڏاج جي معاملي تي پنهنجي مڙس سنجي ڪپور ۽ سس راڻي خلاف ايف آئي آر داخل ڪرائي ڇڏي، ڪرشما ڪپور ۽ سنجي ۾ طلاق وارو ڪيس پهرين ئي عدالت ۾ هلي رهيو آهي، جنهن دوران ڪرشما هاڻ سنجي ۽ سندس امڙ راڻي خلاف ڏاج جي معاملي ۾ هراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ ڌار ڌار ايف آئي آر داخل ڪرائي آهي، ڪرشما ڪپور جو ايف آئي آر ۾ موقف آهي ته کيس سنجي ڪپور ۽ سس راڻي ڏاج گهرڻ تي هراسان ڪيو آهي، ان کانسواءِ درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مڙس کانئس ٻه ٻار به ڦري ورتا آهن، جيڪي کيس واپس ڏياريا وڃن.