
اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرتارپور راهداري منصوبي جي حوالي سان ڳالهين جو ٻيو دور واگها بارڊر تي ٿيو جنهن ۾ ٽيڪنيڪي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون پاڪستاني وفد پاران واگها بارڊر تي امنج و ٻوٽو پڻ لڳايو ويو جڏهن ته ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته منصوبي جي حوالي سان 80 سيڪڙو ڳالهيون مڪمل ٿي ويون آهن اڃا هڪ ملاقات ڪرڻي پوندي ڪرتارپور راهداري منصوبي کولڻ جو مقصد رڳو امن ئي آحي. تفصيل موجب ڪرتارپور راهداري منصوبي جي حوالي سان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون واگها بارڊر تي ٿيون 13 رڪني پاڪستاني وفد جي قيادت ڊي جي سارڪ ۽ سائوٿ ايشيا، ڊاڪٽر محمد فيصل ڪئي جڏهن ته 8 رڪني ڀارتي وفد جي نمائندگي جوائنٽ گهرو سيڪريٽري ايس سي ايل ڊاس ڪئي ڀارتي وفد جي اچڻ تي ڊاڪٽر محمد فيصل ۽ ٻين عملدارن سندس شاندار استقبال ڪيو. ڳالهين کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي ۽ بابيا گرو نانڪ ديو جي جي سالگرهه تي ڪرتارپور راهداري کي کولڻ چاهي ٿو ڳالهين ۾ ڪرتارپور راهداري بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ پنهنجون تجويزون به پيش ڪيون.