ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن اندر گرمي ۽ ٻوسٽ سبب 150 ڄڻا فوت ٿي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ قهر جي گرمي جي لهر برقرار آهي. ايڌي سينٽر جي ترجمان موجب 24 ڪلاڪن اندر گرمي ۽ ٻوسٽ سبب فوت ٿي ويل 150 ڄڻن جا لاش سرد خاني پهچايا ويا. سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ قهر جهڙي گرمي گهٽتائي جو نانءُ ئي نه ٿي وٺي،، ايڌي سرد خاني جي رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 150 ماڻهن جا لاش آندا ويا آهن. ايڌي سرد خاني جي انچارج پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب فوتين ۾ اڪثريت وڏي ڄمار جي ماڻهن جي آهي ايڌي سرد خاني جي انچارج موجب 150 لاشن مان 30 جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي،جنهن بعد کين لاوارث ڄاڻائي دفنايو ويو ايڌي جي ترجمان موجب ڏيڍ سئو ماڻهن جي موت جو سبب سخت گرمي ۽ پيرسني آهي سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ سخت گرمي ۽ ٻوسٽ برقرار آهي، ڇنڇر ڏينهن گرمي پد 46 ۽ آچر تي به 44 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهتو ٻئي طرف موسميات کاتي شهر ۾ اڱاري کان تيز برساتن ۽ گرمي ۾ گهٽتائي جي اڳڪٿي پڻ ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *