ڪراچي ۾ 16 کان 23 مارچ تائين ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو، حساس هنڌن ۽ عبادت گاهن جي سڪيورٽي وڌائڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت جي گهرو کاتي ڪراچي ۾ پوليو مهم سبب 6 ڏينهن لاءِ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. جنهن تي سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات کان عمل ڪيو ويو آهي ذريعن مطابق پوليو مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪراچي پوليس چيف سنڌ جي گهرو کاتي کي ٻيلهه سواري تي پابندي جي سفارش ڪئي هئي جنهن جي منظوري ڏيندي صوبائي گهرو کاتي 23 مارچ تائين موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيوآهي واضح رهي ته هلندڙ سال ڪراچي جي علائقي بنارس بلديه ۽ سعيدآباد ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ جا واقعا آڏو اچڻ کان پوءِ پوليو مهم روڪي ويئي هئي. جنهن کي هڪ دفعو ٻيهر ڪامياب ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي تحت موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي مڙهي ويئي آهي نوٽيفڪيشن مطابق قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار صحافي بزرگ ٻارڙا ۽ عورتون هن پابندي کان آجا هوندا. ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ اجلاس دوران صوبي ۾ امن امان ۽ پوليو مهم دوران سيڪيورٽي جي صورتحال جو جائزو ورتو، ڪراچي پوليس 16 کان 23 مارچ تائين ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪئي، آءِ جي سنڌ مذهبي عبادتگاهن ۽ حساس هنڌن جي سڪيورٽي وڌائڻ جو حڪم ڏنو آهي.  آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي مذهبي عبادتگاهن ۽ حساس هنڌن جي سڪيورٽي وڌائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪراچي پوليس چيف پوليو مهم لاءِ سڪيورٽي خدشن سبب 16 کان 23 مارچ تائين موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاءِ سفارش ڪري ڇڏي آهي. سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي جي صدارت هيٺ سڪيورٽي جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پوليس چيف، ڊي آءِ جيز ۽ايس ايس پيز ۽ ڊي ايس پيز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايس ايس پيز ۽ ڊي ايس پيز پاران آءِجي سنڌ غلام حيدر جمالي کي مذهبي عبادتگاهن، اهم شاهراهن ۽ پارڪن جي سڪيورٽي بابت بريفنگ ڏني وئي. ڪراچي پوليس چيف غلام قادر ٿيٻو پوليو مهم جي ڪاميابي لاءِ 16 کان23 مارچ تائين پابندي جي سفارش ڪئي. آءِ جي سنڌ پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ اهم هنڌن توڙي مذهبي عبادتگاهن جي سڪيورٽي وڌائي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *