ڪراچي ۾ گرين لائين منصوبي لاءِ 5 ارب رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن: وزير اعظم

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف ڪراچي ۾ مک مرڻ بابت ڏنل بيان جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته مک مرڻ جي ڳالهه گورنر شروع ڪئي هئي، هُن صرف ان ڳالهه کي ورجائيندي گورنر کي چيو ته هاڻ هڙتالون نه ٿيڻ گهرجن، ڪي فور منصوبي لاءِ سنڌ حڪومت سان گڏ وفاق به گرانٽ ڏيندو. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڪراچي ۾ مک مرڻ جي ڳالهه هن شروع نه ڪئي هئي، گورنر کيس چيو هو ته ڪراچي ۾ مک مري ٿي ته به احتجاج ڪيو وڃي، جنهن تي هن گورنر کي چيو ته هاڻ هڙتال نه ٿيڻ گهرجي، اميد آهي ته سندس وضاحت سان رشيد گوڊيل مطمئن ٿي ويو هوندو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته وفاق ڪراچي جي منصوبن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، گرين لائين منصوبي لاءِ 5 ارب رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن، منصوبي تي 25 ارب رپيا لاڳت ايندي، پاڻي جي منصوبي لاءِ 2 ارب رپيا رکيا آهن،ڪراچي کان حيدرآباد موٽروي جو ڪم به شروع ٿي چڪو آهي، جيڪو ٻن سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو. نواز شريف جو چوڻ هو ته ڪي فور منصوبو مڪمل طور تي سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، پر وفاق پوءِ به سنڌ حڪومت کي رقم ڏيندو، گرين لائين منصوبو سنڌ جي عوام لاءِ وفاق جو تحفو آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته هو پاڪستان کي وچ ايشيائي رياستن سان ملائڻ چاهين ٿا، ملڪ ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿي چڪو آهي، وفاقي حڪومت صوبن سان گڏجي منصوبا شروع ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *