ڪراچي ۾ گرمي وگهي فوت ٿيل وڌيڪ 50 نامعلوم فوتين جا مڙهه مواڇ ڳوٺ قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

ڪراچي (اي پي پي) ڪراچي ۾ گرمي جي شدت ۽ بجلي جي لوڊ شيڊنگ سبب فوت ٿي ويل وڌيڪ 50 نامعلوم فوتين جا مڙهه مواڇ ڳوٺ جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا. ايڌي سرد خاني سهراب ڳوٺ ۾ پيل 50 فوتين جي لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪنهن فوتي جو وارث لاش وصول ڪرڻ لاءِ پهتو.ايڌي انتظاميه 50 فوتين جي لاشن کي لاوارث قرار ڏئي مواڇ ڳوٺ قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان کان اڳ ايڌي سرد خاني آڏو عبدالستار ايڌي جي امامت ۾ فوتين جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. 50 فوتين جا مڙهه سرد خاني مان ٻاهر ڪڍڻ وقت هر طرف سوڳ وارو ماحول نظر آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *