ڪراچي ۾ گرمي جي لهر( هيٽ ويو) سبب اٽڪل 65 هزار ماڻهو متاٿر ٿيا: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي ۾ گرمي جي لهر( هيٽ ويو) سبب اٽڪل 65 هزار ماڻهو متاٿر ٿيا آهن.ريڊيو پاڪستان سان ڳالهائيندي هن چيو ته صوبائي حڪومت متاثر ماڻهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، جيڪا سندن ذميواري آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ گرين بس اسڪيم شروع ڪندي ۽ صوبائي حڪومت پڻ بليو لائين ۽ ييلو لائين رٿا شروع ڪري چڪي آهي. هن چيو ته ان حوالي سان فنڊن جو ڪو به مسئلو ناهي اميد آهي ته ڄاڻايل سموريون رٿائون پنهنجي مقرر مدي ۾ پوريون ٿينديون. ان موقعي تي مسلم ليگ(ن) سنڌ جي اڳواڻ سينيٽر نهال هاشمي چيو ته وزير اعظم محمد نواز شريف پنهنجي ڪراچي واري ڪالهوڪي دوري ۾ چيو ته تازو گرمي وگهي ڪراچي ۾ فوتگين وارو سانحو ملڪي تاريخ جو تمام وڏو واقعو آهي. ۽ ان حوالي سان وزير اعظم چيو آهي ته ڄاڻيل سانحي ۾ سمورن لاڳاپيل کاتن جن ڪوتاهي ڏيکاري آهي انهن جو شفاف طريقي سان احتساب ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته اها حقيقت آهي ته قدرتي آفتن کي ڪير به روڪي نٿو سگهي پر انهن کي گهڻي حد تائين گهٽائي ضرور سگهجي ٿو.هن چيو ته اها وقت جي ضرورت آهي ته صوبائي حڪومت پنهنجي ذميري محسوس ڪندي فنڊن جو شفاف طريقي سان استعمال ڪري.ڊي جي پي ڊي ايم اي چيو ته ڪراچي ۾ 303 رليف سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. انهن مان 173 مرڪز رورل سنڌ ۽ باقي ڪراچي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *