ڪراچي ۾ ڊبل سواري تي هڪ ڀيرو ٻيهر پابندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ دفعه 144 جي تحت موٽر سائيڪل جي ڊبل سواري 3 ڏينهن لاءِ پابندي عائد ڪري ڇڏي، ڊبل سواري جي پابندي وارو اطلاع رات 12 وڳي کان خميس 23 اپريل تائين رات 12 تائين هوندو. ڊبل سواري تي پابندي عائد ڪرڻ جي سفارش محڪمه داخله سنڌ جي پوليس طرفان ڪئي هئي.  ذريعن موجب ڊبل سواري جي پابندي جو فيصلو 23 اپريل تي ٿيڻ وارو حلقه اين اي 246 جي ضمني انتخاب تي پيش نظر ڪيو ويو، پابندي جو نوٽيفڪيشن اڄ جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.اليڪشن ڪميشن حلقي جي پولنگ اسٽيشن کي حساس قرار ڏنو آهي، شهر ۾ امن امان جي صورتحال جي جائز لاءِ انتخاب لاءِ سيڪيورٽي جا سخت اقدامات ڪيا وڃن پيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *