ڪراچي ۾ پوليو ٽيم تي ٻيهر حملو، فائرنگ سبب پوليس اهلڪار مارجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اورنگي ٽائون جي علائقي بنارس ڪالوني ۾ اڻڄاتل ماڻهن پوليو ٽيم تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نيجي ۾ پوليو رضاڪارن جي سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪار گوليون لڳڻ سبب شهيد ٿي ويو،  اورنگي ٽائون جي علائقي بنارس ڪالوني يو سي 6 ۾ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوارن پوليو ٽيم تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ سبب اي ايس آءِ تبسم موقعي تي فوت ٿي ويو جنهن کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو اسپتال ذريعن مطابق اي ايس آءِ تبسم جي مٿي ۾ 2 گوليون لڳيون جنهن سبب هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته اسپتلا انتظاميه ضروري ڪارروائي شروع ڪري ڏني ٻئي طرف اي ايس آءِ تبسم جي شهادت کانپوءِ سائٽ ۽ اورنگي ٽائون ۾ پوليو مهم عارضي طور تي روڪي وئي جڏهن ته آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ڪراچي ۾ 3 ڏينهن تائين موٽرسائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، ڪراچي پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليو مهم کي اثرائتو بڻائن لاءِ ڪراچي ۾ ڊبل سواري تي پابندي جو فيصلو ڪيو ويو جنهن جي منظوري بعد شهر ۾ ڊبل سواري ڏوهه بڻجي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *